ڍلاڻي ڌڱاڻي جو ڪوٽ

ڍلاڻي/ ڌڱاڻي جو ڪوٽ (ماڳ): هيءُ هڪ دڙو آهي، جنهن کي ڌاتو- پاهڻي دؤر جي ماڳن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن دڙي جي ابتدائي کوٽائي قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار ڪئي. هيءُ ماڳ تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري جي ڳوٺ چنگھڙي کان ڇهه ڪلوميٽر اتر- اوڀر ۾ نئن بارڻ تي واقع آهي. هن ماڳ کي ’ڌڃاڻي جو ڪوٽ/ ڌڱاڻي جو ڪوٽ‘ به سڏيو وڃي ٿو. هيءُ ماڳ قديم تهذيبي ورثي جي نسبت سان اهميت جوڳو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو